شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو

شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو

شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو

شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور محقق انور فگار هڪڙي جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز آهي. شڪارپور جي علمي ادبي تاريخ تي مشتمل هن ڪتاب ۾ ڪل سورنهن باب آهن. هن ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين حصي ۾ پنج باب آهن. جن ۾: باب پهرين ۾: ‘شڪارپور جو تاريخي پس منظر’، باب ٻئي ۾: ‘ادب جي تعريف’، باب ٽئين ۾: ‘شڪارپور ۾ شاعريءَ جي اوسر’، باب چوٿين ۾: ‘سنڌي شاعريءَ جون صنفون ۽ شڪارپور جا شاعر’، باب پنجين ۾: ‘شڪارپور جا شاعر’ شامل آهن. ڪتاب جي ٻئين ڀاڱي جي باب ڇهين ۾: ‘نثر جي اوسر’، باب ستين ۾: ‘قصا نويسي’، باب اٺين ۾: ‘ڪهاڻي/افسانه نويسي’، باب نائين ۾: ‘ناول نگاري’، باب ڏهين ۾: ‘ناٽڪ نويسي’، باب يارهين ۾: ‘مضمون نويسي’، باب ٻارهين ۾: ‘تنقيد جي اوسر’، باب تيرهين ۾: ‘تحقيق جي اوسر’، باب چوڏهين ۾: ‘ٻاراڻو ادب ’ ، باب پندرهين ۾ ‘ادب جا سرچشما’ ۽ باب سورهين ۾ ‘نثر نويس’ شامل آهن.
ڪتاب جو ‘ناشر پاران’ نوٽ ناليواري اديب ۽ سنڌالاجي جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر شوڪت حسين شوري، پيش لفظ ۽ قلم تازو ليکڪ طرفان لکيل آهن. ڊيمي سائيز جو 716 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب سنڌالاجي انسٽيٽيوٽ ڄامشوري 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 650 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو